پير کٿوريو

پير کٿوريو: پير کٿوريو ٺٽي جو هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي، جڏهن نواب شريف الملڪ (37-1035) ٺٽي جو نواب هو، ته ان جو هڪ خاص ملازم سورج مل، پير کٿوريي جي پاڙي ۾ رهندو هو ۽ هميشه پير صاحب سان پيو کَهندو هو. هي بزرگ هميشه عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندو هو. روايت آهي ته هڪ ڀيري هن جي هڪ ملازم هزار اُٺن ساڻ اچي، اچي هن بزرگ جي ويجھو پنهنجو ٿاڪ ڄمايو ۽ بزرگ کي رنجائڻ ۽ ايذائڻ لڳو. جڏهن بزرگ کي گھڻو تنگ ڪيائين ته ماڻهن نواب کي وڃي دانهن ڏني، پر نواب مغروريءَ سبب ساڻس ڪو انصاف نه ڪيو، ان تي نواب جو نوڪر ويتر آڪڙجي ويو ۽ بزرگ کي وڌيڪ تنگ ڪرڻ لڳو، بزرگ کي به جوش اچي ويو ۽ زوردار آواز ۾ چيائين ته: ”ڪو ڏينهن ٿيندو ته نواب کي ڦاسي ايندي ۽ سندس نوڪر کي کوهه ۾ اڇلايو ويندو.“ چون ٿا ته ٻن مهينن کان پوءِ شهزادو شاهجهان، پنهنجي پيءُ کان ڪاوڙجي ٺٽي آيو ۽ نواب سرڪشي ڪري ارڪ جو قلعو بند ڪري سندس مقابلي لاءِ تيار ٿي ويو. شهزادي اها ڳالهه دل ۾ رکي، کيس سيکت ڏيڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڪاوڙ مان موٽي ويو. سگھو ئي شهزادي شاهجهان جو بخت وريو ۽ تخت نشين ٿيو. نواب شريف الملڪ جي اشاري تي سندس ظالم نوڪر جي اُٺ سوار ٺٽي کان درياهه اڪري، ڦرلٽ ڪري، ٻن ٻانهن کي ماري وڌو. ان تي شهزادي شاهجهان تخت تي ويهڻ سان ئي ٺٽي جي نواب شريف الملڪ ۽ سندس اٺ سوار نوڪر جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو. گرفتاريءَ بعد ٻنهي کي عدالت ۾ حاضر ڪيو ويو ۽ بادشاهه جي حڪم موجب نواب شريف الملڪ کي ڦاسي ڏني وئي ۽ سندس اُٺ سوار ظالم نوڪر کي جيئرو کوهه ۾ اڇلايو ويو.
پوئين وقت ۾ کٿوريي بزرگ وٽ مال ملڪيت جي فراوانيءَ جي شڪ هيٺ ڪنهن ماڻهوءَ کيس اڌ رات جو شهيد ڪري وڌو، سندس تربت ڪشمشين جي پاڙي، ٺٽي ۾ آهي.


لفظ پير کٿوريوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو